لاهور (اين اين آءِ) پاڪستاني هوائي حدون بند ٿيڻ سان ايئر انڊيا کي 16 مارچ کان هن وقت تائين 60 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي اڏامن کي يورپ ۽ آمريڪا پهچڻ لاءِ گجرات، عربي سمنڊ کان ٿيندي وڃڻو پئجي رهيو آهي گذريل هفتي ٻه ڀارتي جهاز ٽڪرائڻ سان به بچي ويا ڀارتي ميڊيا رپورٽس مطابق پاڪستاني هوائي حدون بند ٿيڻ سبب ڀارت سخت پريشان ٿي ويو آهي. جڏهن ته ري فيول لاءِ شارجه ۽ ويانا ۾ لينڊ ڪرڻو پوي ٿو پاڪستاني هوائي حدن جي بندش جي ڪري اولهه ملڪن جو فاصلو وڌيڪ 4 ڪلاڪ وڌي ويو آهي جنهن جي ڪري ڀارتي مسافر سخت پريشان آهن ڀارتي ميڊيا موجب فضائي حدون بند ٿيڻ سبب گذريل هفتي ممبئي جي فضائي حدن ۾ ٻه بين الاقوامي جهاز هڪٻئي سان ٽڪرائڻ کان بچي ويا.