پاڪستاني معيشت ۾ تمام جلد بهتري اچڻ جو امڪان آهي: آمريڪي ريسرچ ادارو

نيويارڪ: (م ڊ)  آمريڪي ريسرچ اداري فيچ سلوشنز اڳڪٿي ڪئي آهي ته پاڪستاني حڪومت گذريل هفتي ٻه ڏکيا فيصلا ڪيا آهن جنهن سان پاڪستان جي معيشت ۾ جلد بهتري ايندي.پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي ريسرچ جي اداري فيچ سلوشنز اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستاني حڪومت گذريل هفتي ٻه ڏکيا فيصلا ڪيا جنهن سان پاڪستان جي معيشت ۾ تمام جلد ئي بهتري جو امڪان آهي.انهن ٻن فيصلن ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ 7.5 سيڪڙو گهٽتائي ۽ 8 سالن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي وياج جي شرح ۾ 1.5 سيڪڙو واڌ ڪري ان کي 12.25 سيڪڙو ڪرڻ شامل آهي.فيچ سلوشز موجب وياج جي شرح وڌائڻ مٽا سٽا واري ناڻي ۾ ايندڙ مهيني ۾ استحڪام ايندو، روپئي جي قدر ۽ گهرايل شين جون قيمتون به بهتر ٿينديون ۽ پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام ايندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *