اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته پانامه ڪيس ۾ فيصلو اسان جي خلاف به آيو ته فتح اسان جي ئي هوندي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته انصاف ٿيڻ ۾ 3 ڏينهن رهجي ويا اهن فيصلو اسان جي خلاف به آيو ته اسان جي فتح هوندي هن الزام لڳايو ته حڪومت سڄي دنيا ۾ لابنگ ڪري رهي آهي وزيراعظم به لابنگ جي لاءِ ترڪي وڃي رهيو آهي عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل انصاف سان ئي نڪرندو ۽ انصاف ۾ 3 ڏينهن رهجي ويا آهن سپريم ڪورٽ ۾ ڪرپشن جو تابوت ضرور نڪرندو.