پاناما ڪيس: مريم نواز پرڏيهه ۾ ملڪيت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي:چيئرمين ايف بي آر

اسلام آباد(بيورو) پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيئرمين ايف بي آر عدالت کي ٻڌايو ته مريم نواز شريف پرڏيهه ۾ پنهنجي ڪنهن به قسم جي ملڪيت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ۵ رڪني بينچ پاناما ڪيس ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد چيئرمين ايف بي آر کان پڇو ته ايف بي آر پاناما تي خزاني واري وزير سان ڪڏهن رابطو ڪيو هو. پاناما ليڪس تي آف شور ڪمپنين جي مالڪن کي ڪڏهن نوٽيس جاري ڪيو ويو، جنهن تي ڊاڪٽر ارشاد ٻڌايو ته ۳ سيپٽمبر ۲۰۱٦ع تي ۳۴۳ ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪ ڏيندي چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ۲ سو گز فاصلو طئي ڪرڻ ۾ توهان کي ڇهه مهينا لڳي ويا. چيئرمين ايف بي آر جواب ۾ چيو ته آف شور ڪمپنين تي صرف ڊائريڪٽرز جو نالو ڪافي ناهي هوندو. ۴۹ ڪمپنيون اهڙيون آهن جن جي ڊائريڪٽرن جو تعلق پاڪستان سان ناهي جڏهن ته ۵۲ ماڻهو اهڙا آهن جن ڪمپنين جي ملڪيت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز به انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته پرڏيهه ۾ منهنجي ڪا به ملڪيت ناهي. هن جو چوڻ آهي ته هي ڪنهن به آف شور ڪمپني جي مالڪ ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *