پاناما ڪيس جي ٻڌڻي، وزير اعظم جي وڪيل جا دليل مڪمل، پيسو ڪٿان آيو، ڪيئن ڏنو ويو واضع ناهي، منروا سان سروس معاهدي تي صحيح ڪنهن ڪئي، ڪاغذ ڏيکاريو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي  سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته برطانوي ڪمپني منروا سان سروس معاهدي تي ڪنهن صحيح ڪئي اهي ڪاغذ ڏيکاريا وڃن، مالڪ جو نالو ٻڌايو ته خريداري سروس واضع ٿي ويندو. پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس شيخ عظمت سعيد وزير اعظم جي وڪيل خواجا حارث جي دليل تي ريمارڪس ڏنا ته  پيسو ڪٿان آيو ۽ ڪيئن ڏنو ويو اهو واضع ناهي، توهان جو چوڻ آهي ته وزير اعظم جي ملڪيت بابت ڪو به دستاويز ناهي، برطانوي ڪمپني منروا سان سروس معاهدي تي ڪنهن صحيح ڪئي. هڪ پٽ چوي ٿو ته ملڪيت خريدي جڏهن ته ٻيو پٽ چوي ٿو ته حصي ۾ ملي.  دوران جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي انهن سوالن جا جواب نه پيا ڏنا وڃڻ جيڪي هو پڇي رهي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٽين ٻڌڻي ٿي گذري. تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري، جماعت اسلامي جي ويڪل توفيق آصف ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جا دليل مڪمل ڪيا. وزير اعظم جي وڪيل خواجا حارث پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا آهن. وڪيل خواجا حارث پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ڪالهه مون وزير اعظم جو جي آءِ ٽي ۾ بيان پڙهي ٻڌايو هو، جي آءِ ٽي کي وزير اعظم پنهنجن اثاثن جي تفصيل پيش ڪئي، جي آءِ ٽي وڌيڪ ڪنهن اثاثن بابت سوال ناهي ڪيو، جي آءِ ٽي ۾ پيشي تائين ٻيو ڪو اثاثو هو ئي ڪو نه، جي آءِ ٽي وٽ ڪجهه هجي ها ته سوال ضرور ڪري ها، وزير اعظم جي مائٽن ڪا به ملڪيت ناهي لڪائي جڏهن ته وزير اعظم جي ڪا به بنا نالي واري ملڪيت ناهي. خواجا حارث چيو ته نيب قانون موجب اهڙو شخص جنهن جا زال ۽ ٻارن جي نالي تي اثاثن هجن ان کي ذميوار نٿو قرار ڏئي سگهجي، وزر اعظم ٽيڪس ريٽرن ۾ اثاثا ظاهر ڪيا ۽ هن ڪو به اثاثو ناهي لڪايو. خواجا حارث چيو ته ڪنهن لاڳاپيل شخص کي اثاثن مان فائدو وٺندڙ جوابدار نٿو ٿي سگهي ۽ هن دليلن دوران نيب سيڪشن جي شق 5 اي جو حوالو ڏنو جنهن تي جسٽس عظمت سعيد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته قانون ۾ آمدن ۽ اثاثن جي ذريعن جو ذڪر آهي، قانون ۾ ان شخص جو به ذڪر آهي جنهن جي قبضي ۾ اثاثا هجن ۽ اثاثا جنهن جي استعمال ۾ هجن اهو به بي ناميدار ٿي سگهي ٿو. جسٽس عظمت سعيد پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ڇا توهان اهو چئي ٿا چاهيو ته ڪنهن ٻئي جي گهر ۾ ڪجهه عرصو رهندڙ جوابدار نٿو ٿي سگهي، استعمال هيٺ هئڻ ٻي ڳالهه آهي، اثاثن مان فائدو وٺڻ ٻي ڳالهه آهي،  توهان جي موجب ڪنهن جي گهر ۾ رهندڙ تي نيب قانون لاڳو نٿو ٿئي، مهينن کان ٻڌي رهيا آهيون، فليٽ جي ملڪيت کان سواءِ سڀ شيون واضع آهن، ان ڪيس ۾ سوال 1993 کان اثاثا استعمال هيٺ هئڻ جو آهي جنهن تي خواجا حارث چيو ته ڪيس جي نوعيت مختلف آهي، اثاثا وزير اعظم جي نالي تي ناهن، جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ سچ ۽ حقيقت کان هٽي بڻائي آهي، قانوني تقاضن کي سامهون ناهي رکيو ويو، جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ وزير اعظم جي بنا نالي وارن اثاثن جو ڪو به ثبوت ناهي، لنڊن فليٽن جو مالڪ سامهون اچي چڪو آهي جنهن تي جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس جا سمورا رخ اسان تي واضع آهن، ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت ناهي ته وزير اعظم پاڻ به ڪنهن پراپرٽي جو مالڪ آهي. وڪيل خواجا حارث کان پڇاڻو ڪيو ويو ته سوال اهو آهي ته پراپرٽي ڪڏهن خريدي وئي، فنڊ ڪٿان آيا ۽ ڪاڏي ويا؟ وزير اعظم چيو هو ته سڀني جو مني ٽريل آهي. جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ۾ وزير اعظم جي وڪيل خواجا حارث کي جي آءِ ٽي رپورٽ جي واليوم 4 ۽ واليوم 10 کان محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي، خواجا حارث دليلن ڏيندي چيو ته هاڻ هو واليوم فور تي ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏنا ته رپورٽ جي واليوم 10 ۾ خطرناڪ دستاويز موجود آهن، واليوم 4 کان محتاط رهو ان ۾ به خطرناڪ دستاويز آهن، واليوم فور ۾ ٽرسٽ ڊيڊ تي ڳالهه ٿي ۽ ڪجهه نتيجا نڪتا. جج صاحب چيو ته جي آءِ ٽي ٽرسٽ ڊيٽ جا نتيجا ڪڍيا آهن، جيڪڏهن جي آءِ ٽي ڪي به دستاويز نه ڏنا ته ذريعن جي ڪا به حيثيت باقي نه رهندي. ٻڌڻي دوران اها ڳالهه به سامهون آئي ته ايف بي آر جي آءِ ٽي کي اسحاق ڊار جي گواشوارن جا تفصيل ڏيڻ ۾  ناڪام رهي جنهن تي نيب لاڳاپيل رڪارڊ ايف بي آر کي ڏنو، گواشاري ٽريس نه ٿيڻ جو مطلب فائل گم ٿيڻ يا نه هجڻ آحي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي وڪيل طارق حسن چيو ته اسحاق ڊار تي جي آءِ ٽي ٽيڪس چوري ۽ اثاثا لڪائڻ جو الزام لڳايو اسحاق ڊار تي پنهنجي ٽرسٽ کي چندو ڏيڻ جو به الزام لڳايو ويو. جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا جي آءِ ٽي اسحاق ڊار خلاف سفارش ڪئي آهي، ڇا ايف بي آر ٽيڪس گوشوارن جو رڪارڊ ناهي ڏنو. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته پهرين رڪارڊ ڇو فراهم نه ڪيو ويو، ايف بي آر وٽ بعد ۾ رڪارڊ ۾ ڪٿا آيو، ايف بي آر اسحاق ڊار جي وزارت جي ماتحت آهي.جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته گوسوارا ٽيس نه ٿيڻ جو مطلب فائل گم ٿيڻ يا نه هجڻ آهي جسٽس عظمت سعيد شي چيو ته رڪارڊ نيب واپس ڪيو ته ريڪوري ميمو ضرور بڻايو هوندو، نيب اصل رڪارڊ ڏنو آهي  يا ڦوٽو ڪاپي ڏني آهي. جنهن تي ايڊيشل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته نيب رڪارڊ کڻي ايف بي آر کي ڏنو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *