پاناما ڪيس: جي آءِ ٽي ٽيم پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي

May 23, 2017 at 7:34 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد: پاناما ڪيس جي جاچ ڪرڻ واري ٽيم جي آءِ ٽي پنهنجي پهرين اڳڀرائي واري رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي، جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ۳ رڪني خاص بينچ پاناما جي آءِ ٽي جي پيش رف متعلق معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي عدالت جي ڪمري ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان، جهانگير ترين، نعيم الحق، فواد چوڌري، دانيال عزيز ۽ شيخ رشيد سميت ڪيترائي سياسي اڳواڻ موجود هئا، جسٽس اعجاز افضل گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه واجد ضيا کي هدايت ڪندي چيو ته ياد رهي ته توهان کي هيءَ رپورٽ ٦۰ ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ آهي، توهان کي ان جي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو، جسٽس عظمت سعيد پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي توهان ۽ توهان جي ٽيم تي مڪمل اعتماد آهي، توهان صحيح نموني جاچ ڪري رهيا آهيو، اسان پنهنجي حڪم تي عمل ڪرائڻ ڄاڻون ٿا، جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به اداري کان تعاون گهرجي ته اسان توهان سان سهڪار ڪنداسين، جيڪڏهن توهان سان ڪو ادارو تعاون نه ٿو ڪري ته توهان اسان کي ٻڌايو، ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري عدالت کي درخواست ڪئي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي اسان سان ونڍيو وڃي، جنهن تي جسٽس عظمت شيخ چيو ته اها رپورٽ وقت اچڻ تي سڀني جي سامهون آيندي ويندي، ان کان پوءِ ٻڌڻي ايندڙ مهيني جي ۷ جون تائين ملتوي ڪئي وئي.

اي پيپر