پاناما ڪيس: جي آءِ ٽي وزيراعظم کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، نوٽيس تيار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاناما ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاناما ڪيس ۾ بڻجندڙ جي آءِ ٽي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪندي نوٽيس تيار ڪري ورتو آهي. وزيراعظم نواز شريف کي سوال نوٽيس سان گڏ موڪليا ويندا، جوابن سان گڏ جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيڻ جو چيو ويندو جڏهن ته جي آءِ ٽي وزيراعظم هائوس نه ويندي. ٻئي طرف وزيراعظم جي پٽ حسين نواز جي آءِ ٽي جي ٻن ميمبرن تي اعتراض ۽ الزام رد ڪري ڇڏيا، ان فيصلي تي ردعمل ڏيندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته حڪمرانن جون حالتون خراب هجن ته جندال اچي ويندو آهي، آخرڪار نواز شريف کي وڏو فيصلو ڪرڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *