لنڊن (م ڊ) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته عمران خان اُچتو ڌرڻي جو فيصلو واپس وٺي پنهنجي ڪارڪنن کي مايوس ڪيو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ پرويز مشرف چيو ته پاناما پيپرن تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو جيڪڏهن نواز شريف جي حق ۾ آيو ته پوءِ عمران خان کي سياست ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ڇو ته هاڻ ڪنهن به ڌرڻي جي گنجائش نه آهي، هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف عوام جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي، پر حڪومت کي پنهنجو آئني مُدو پورو ڪرڻ گهرجي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي نوڪري واري مُد ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي.