اسلام آباد (بيورو): سپريم ڪورٽ طرفان محفوظ ڪيل پاناما ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو، جنهن سلسلي ۾ پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، پڌرائيءَ موجب پاناما ڪيس جو فيصلو اڄ صبح 11:30 وڳي ٻڌايو ويندو، سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ پاناما ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائيندي، لارجر بئنچ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس اعجاز افضل خان شامل آهن، ياد رهي ته عدالتي بئنچ 10 جولاءِ تي جي آءِ ٽي طرفان رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد 17 جولاءِ کان مسلسل 5 ٻڌڻين بعد 21 جولاءِ تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.