پاناما ڪيس تي فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي: فضل الرحمان
February 8, 2017 at 10:02 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
فيصل آباد(م ڊ) جميعت علماءَ السلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاناما ڪيس تي فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي پر اختيار اسان پنهنجن هٿن ۾ کڻون ٿا ۽ عدالت تي دٻاءُ جي لاءِ جلسا ڪيون ٿا. تحريڪ انصاف ڪنهن به موقف تي نٿي بيهي، ڪڏهن چوي ٿي ته ڪميشن نه بڻيو ته روڊ تي اينداسين ۽ هاڻ ڪميشن جي ڳالهه تي چون ٿا ته بائيڪاٽ ڪنداسين. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاناما ڪيس تي عدالت کي دٻاءَ کان سواءِ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن وقت کان پهرين ٿيڻ واريون حالتون ناهن ۽ نه ئي پيدا ڪيون وڃن. قومي اسيمبلي ۾ ٿيل جهيڙو حماقت هو.