ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته پاناما وفاقي حڪومت کي چريو ڪري ڇڏيو آهي. پاناما ئي کين گهر ڀيڙو ڪندي، سندن ڏينهن هاڻ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي رهيا آهن. مولا بخش چانڊيو وڌيڪ چيو ته هي مسافر حڪومت آهي انهي جي پڄاڻي ٿيڻ واري آهي ۽ مسلم ليگ ن هاڻي پنهنجو سامان ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اخلاقي جواز وڃائي ويٺي آهي پوري ملڪ جو بجيٽ رڳو لاهور تي خرچ ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب ۾ ماڻهو سرعام لٽجي ۽ مارجي رهيا آهن. عوام تي حيسڪو جا ظلم جاري آهن ڪير پڇڻ وارو ئي ڪونهي. مسلم ن ليگ جي هر اسڪيم ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن جي سڀني وزيرن کي رڳو گاريون ڏيڻ اچن ٿيون انهي کان سواءِ هنن وٽ ٻيو ڪو به ڪم ناهي. جڏهن ته ٿڌي طبيعت وارو پرويز رشيد جي وات مان هاڻي شعلا نڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان افراتفري واري ڪيفيت کان بچڻ چاهيون ٿا، پيپلز پارٽي نفرتن تي يقين نه ٿي رکي. اسان پاران رڳو بلاول ڀٽو زرداري جي چئن مطالبن لاءِ جدوجهد هلي رهي آهي.