پاناما ليڪس ۾ 444 شهرين جا نالا شامل آهن، پاناما پيپرز ۾ شامل پاڪستانين جي خلاف ڪارروائي جي تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پانامه ليڪس ۾ 444 ڪيسن مان هن وقت تائين 294 ڪيسن ۾ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن 15 ڪيسن تي آڊٽ جي ڪارروائي مڪمل ڪري 10 ارب 90 ڪروڙ رپين جي ڊمانڊ ٻڌائي ويئي آهي، 6 ارب 20 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ وزيراعظم پاڪستان جي ديامير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ قائم فنڊ ۾ هن وقت تائين 80 ڪروڙ 40 لک رپيا گڏ ٿي چڪا آهن تفصيل ملڻ تي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو جڏهن ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر ايوان جي ڪارروائي سوالن جا جواب نه اچڻ ۽ ميمبرن جي احتجاج تي گهڙي پل لاءِ ملتوي ڪندي قومي اسيمبلي کي جواب نه موڪليندڙ وزارتن جي سيڪريٽريز کي جواب ڏيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ناڻي وزارت پاران لکت سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي رڪرڊ موجب 444 پاڪستانين جي پانامه ليڪس ۾ نشاندهي ڪئي ويئي آهي ايف بي آر سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ليڪس جي حوالي سان ڪائي پٽيشن داخل ناهي ڪئي ۽ اها ڳالهه درست نه آهي ته پانامه ليڪس ۾ ڪائي ڪارروائي ناهي ڪئي ويئي فيلڊ آفيسر انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي لاڳاپيل قلمن تحت 294 ڪيسن ۾ نوٽيس جاري ڪيا جڏهن ته ٻين 150 ڪيسن ۾ نوٽيس جاري نه ڪيا ويا جنهن جو سبب اهو آهي ته اڻپورن ڪيسن جي ڪري انهن ڪيسن جو پتو نه لڳي سگهيو جن 294 ڪيسن ۾ ڪارروائي شروع ڪئي ويئي انهن مان نه رهندڙ پاڪستاني هجڻ جي بنياد تي چئن ڪيسن تي ڪارروائي روڪي ويئي 12 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن 15 ڪيسن ۾ آڊٽ جي ڪارروائي مڪمل ڪئي ويئي آهي انهن 15 ڪيسن ۾ 10 ارب 90 ڪروڙ رپين جي ڊمانڊ ٻڌائي ويئي آهي جنهن ۾ 6 ارب 20 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا قومي اسيمبلي کي ناڻي وزارت پاران ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ ۽ وزيراعظم جي ديامير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ قائم فنڊ ۾ هن وقت تائين 80 ڪروڙ 40 لک رپيا گڏ ٿي چڪا آهن جنهن جو تفصيل ملڻ تي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو مملڪتي وزير حماد اظهر قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ۽ وزيراعظم ديامير ڀاشا ڊيم تحت هن وقت تائين 804 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا آهن هن چيو ته اسان کي وقت ڏنو وڃي ته اسان تفصيل ايوان ۾ پيش ڪنداسين ته هي رقم ڪٿان ڪٿان آئي آهي سوالن جي وقفي دوران رٿابندي ڊويزن، ترقي ۽ سڌارا، گهرو وزارت ۽ ٻين وزارتن جا جواب موصول نه هجڻ جو ٻڌايو ويو ته ميمبرن ان تي احتجاج شروع ڪري ڇ ڏيو اسد قيصر پارليماني سيڪريٽري ڪنول شوزب جي ان موقف سان اتفاق نه ڪيو ته ان سان لاڳاپيل سوال اڪنامڪ افيئر ڊويزن ڏانهن موڪليو ويو آهي اسپيڪر چيو ته اهو طريقو ناهي هوندو پهريان اوهان طريقو سکو ان دوران ڪيترن ئي ميمبرن ايوان ۾ اٿي بيهي گڏ ڳالهائڻ شروع ڪيو اسپيڪر ان تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته هو اهڙي طرح ايوان جي ڪارروائي نٿو هلائي سگهجي جتي هن قومي اسيمبلي جي ڪارروائي 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي سوالن جي وقفي دوران جڏهن ڪيترن ئي وزارتن جا جواب موصول نه ٿيڻ جو ايوان کي ٻڌايو ويو ته ان تي اسپيڪر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عامر ڊوگر کي هدايت ڪئي ته جن جن وزارتن پاران سوالن جا جواب نه مليا انهن وزارتن جي سمورن سيڪريٽريز کي منهنجي چيمبر ۾ طلب ڪيو وڃي سوالن جي وقفي دوران محسن شاهه نواز رانجها ٻڌايو ته ڪابه عورت هجي يا مون سميت ڪو مرد جنهن جو نالو به آيو ته ڪارروائي ٿيندي قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران اڳوڻن وزيراعظمن جي ڪئمپ افيسن تي ٿيندڙ خرچن جو تفصيل ڪابينه ڊويزن پيش ڪري ڇڏيو جنهن مطابق نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي ڪئمپ آفيسز ۾ هڪ ارب 43 ڪروڙ رپين جا خرچ ٿيا لکت جواب ۾ ٻڌايو ويو ته شاهد خاقان عباسي جي وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ به جاتي امره ڪئمپ آفيس قائم رهي شاهد خاقان عباسي جي اسلام آباد ڪئمپ آفيس تي صرف ٻن سالن ۾ 51 لک رپيا خرچ ٿيا ڪابينه ڊويزن ٻڌايو ته نوازشريف جي جاتي امره ڪئمپ آيفس ۾ 2013 کان 2018 تائين 92 لک کان وڌيڪ خرچ ٿيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *