اسلام آباد( بيورو ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۽ وزيراعظم نواز شريف جي استعيفيٰ جو ڪو به جوڙ ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم نواز شريف چاهي ٿو ته پاناما وارو معاملو جد پنهنجي انجام تي پهچي. هن چيو ته جن ماڻهن جا نالا پانا ليڪس ۾ شامل نه آهن اهي جوابدار نه پر شاهد طور پيش ٿي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي ۾ شريف خاندان رڳو نواز شريف جي ڪري پريش ٿي رهيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته آف شور ڪمپنين جو ڪرپشن سان ڪو به تعلق ناهي، اهو تعلق رڳو مخالفن ٺاهيو آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي تي آئيني ۽ قانوني خدشا سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته اسان کي انصاف پاڪستان جي قانون ۽ آئين مان ملندو، هاڻي تماشو ختم ٿيڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ڪوڙو ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙ شخص آهي، تحريڪ انصاف ڇو نه قبولي ته يهودين ۽ ڀارتين کان فنڊ حاصل ڪندي آهي. هن چيو ته عمران خان ڪنهن جي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان آڱر کڄڻ جو انتظار ڪندو رهندو آهي پر کيس نه اها آڱر ملندي ۽ نه وري کيڏڻ لاءِ رانديڪو.