پاناما ليڪس ڪيس: نيب جي آءِ ٽي رپورٽ جو واليوم 10 حاصل ڪري ورتو

اسلام آباد( بيورو ) پاناما ليڪس ڪيس ۾ نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ٻارڙن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ جو واليوم 10 به حاصل ڪري ورتو آهي. نيب پاناما ليڪس ڪيس ۾ جي ٽي آءِ رپورٽ جو 415 صفحن تي ٻڌل واليم 10 حاصل ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ نيب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس مان واليوم 10 فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر رجسٽرار آفيس نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي پر هاڻي نيب کي واليم 10 جا تصديق ٿيل نقل فراهم ڪيا ويا آهن، نيب کي هاڻي گڏيل جاچ ٽيم جي مڪمل رپورٽ جا 3 تصديق ٿيل نقل به ملي ويا آهن. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ جي واليوم 10 ۾ وڌيڪ جاچ به پڪيون شاهديون ۽ ثبوت موجود آهن، نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ واليوم 10 جو هئڻ ضروري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *