پاناما ليڪس موضوع تي ڳلهايون ٿا ته ن ليگ جا وزير پٿر ٿا ڳولين: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد(بيورو) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پاناما ليڪس جي فيصلي جو پوري قوم کي انتظار آهي، جڏهن به ان موضوع تي ڳالهائجي ٿو ته ن ليگ وارا وزير پٿر ڳولين ٿا، ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي اڳواڻ جو چوڻ هو ته سرڪار طرفان بينر لڳائڻ عدليه تي دٻاءَ وجهڻ برابر آهي، هاڻي ڪنهن کي بينر لڳائڻ وارا نظر نه ايندا، ان چيو ته پاناما جي ايندڙ فيصلي خلاف احتجاجي جي تياري حڪمرانن کي نٿي جڳائي جيڪڏهن ملڪ ۾ افراتفري ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت کي نقصان ٿيندو، مولا بخش چانڊيي چيو ته پاناما ڪيس جي فيصلي جو پوري قوم کي بي صبريءَ سان انتظار آهي پر بي چين وزير وقت سان گڏوگڏ پنهنجا حواس وڃائي رهيا آهن، جيڪڏهن پاناما فيصلي سان لاڳاپيل ڪا ڳالهه ڪئي وڃي ته وزير پٿر ڳولڻ لڳن ٿا، بي چين وزير پنهنجي جذبن کي قابو ۾ رکن ۽ عدالتي فيصلي جو انتظار ڪن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *