پاناما ليڪس خلاف احتجاج ڪندڙن تي چورن تشدد ڪيو، شريف ڀائرن جو سدائين اهو طريقو رهيو آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو (ن) ليگ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پاناما ليڪس خلاف احتجاج ڪندڙن تي چورن تشدد ڪيو، شريف ڀائرن جو سدائين اهو طريقو رهيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته جمهوريت ۾ احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر انهن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ غير جمهوري عمل آهي، هاڻي خدا جي خلق راڄ ڪندي، حڪمران ڊڪٽيٽر جي پيداوار ۽ طالبان جي حامين جي سڃاڻپ بڻجي چڪا آهن، عوام کين بخش نه ڪندو، بلاول ڀٽو چيو ته عوام جمهوريت سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندي، عوام ڄاڻي ٿو ته کين ۽ ملڪ کي ڪهڙي طرف ڌڪيو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *