پاناما ليڪس جو فيصلو اچڻ سان ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيندو: مولا بخش چانڊيو

بدين(ڊ ر) اڳوڻي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته پاناما ليڪس جو فيصلو اچڻ سان ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيندو. رد الفساد سان ملڪ ۾ امن آيو آهي. بدين ۾ پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي مولابخش چيو ته نواز پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ فوج جي ڪردار کي تڪرار بڻائي رهي آهي سندس چوڻ هو ته  پ پ پ هن ڀيري پنجاب مان اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، ميڊيا کي پنجاب جي ترقي سان گڏوگڏ سنڌ جي ترقي به ڏسڻ ۾ اچڻ گھرجي. هن چيو ته سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪندڙ ڪنهن به جماعت سان گڏ نه آهيان . ايم ڪيو ايم پاڪستان کي سنڌي سمجھڻ ۽ سڏائڻ گھرجي، جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا سنڌي ٿي رهن. اڳوڻي صوبائي صلاحڪار چيو ته وفاقي گھرو وزير کي ۽ سعيد رفيق جي خبر ناهي ته ايان علي سان ڪڙو رشتو آهي جو سندن دل تان نه ٿي لهي. کيس بار بار ياد ڪن ٿا. هن چيو ته سندن ليڊرن جا نالا کڻندڙ هاڻ پاڻ ۽ڌيئرن پٽن سميت ڪرپشن کي منهن ڏئي رهيا آهي. ۽ احتساب کي منهن ڏين پيا. مولابخش چانڊيي چيو ته نواز ليگ پنهنجي سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ فوج جي ڪردار کي تڪراري ڪري رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *