پاناما ليڪس جاچ لاءِ اسان ڪميشن قائم ڪرڻ پئي چاهي پر مخالفن جي ايجنڊا ڪا ٻئي لڳي ٿي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ آئيني ۽ قانوني ماهرن شرڪت ڪئي، ذريعن موجب وفاقي وزيرن ۽ قانوني ماهرن پاناما ڪيس جي ٻڌڻي بابت وزيراعظم کي اعتماد ۾ ورتو، جڏهن ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاناما ليڪس جاچ لاءِ اسان ڪميشن قائم ڪرڻ پئي چاهي پر مخالفن جي ايجنڊا ڪا ٻئي لڳي ٿي،سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو سڀني کي احترام ڪرڻ گهرجي، ڌرڻو ۽ احتجاج معاشي ترقي جي رستي ۾ وڏي رڪاوٽ آهن،سياسي مخالفن وٽ ڌرڻي جو ڪوبه جواز ناهي رهيو، عدالتي فيصلي تائين کين خاموش رهڻ گهرجي،وفاقي وزير، قانوني ۽ آئيني ماهرن وزيراعظ۾ نواز شريف کي پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي بابت اعتماد ۾ ورتو، حڪومت فيصلي تي اعتماد جو اظهار ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *