پاناما فيصلي کانپوءِ قوم شڪراڻي جو ڏينهن، ڪوڙ ڳالهائڻ وارا شرمندگي جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن: ن ليگ

لاهور (اين اين آءِ) صوبائي ن ليگ جي وزيرن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي حق ۽ سچ جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته عدالت جي فيصلي تي دل سان عملدرآمد ڪيو ويندو، ان فيصلي کانپوءِ عمران خان وزيراعظم جي عهدي تائين پهچڻ لاءِ شارٽ ڪٽ ڳولڻ بدران سڄي قوم کان معافي وٺي، ن ليگ لاهور جي صدر پرويز ملڪ پنجاب حڪومت جي ترجمان محمد احمد خان، مشعود احمد خان، بلال ياسين، خواجه عمران نظير ۽ ٻين پنهجن ڌار ڌار بيانن ۾ عدالت جي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف پاناما جو معاملو عدالت ۾ وڃڻ کان اڳ پاڻمرادي جاچ جو چئي چڪو هو، عدالت جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو آهي مخالفن جيڪي الزام مڙهيا انهن جي ڪا به قانوني حيثيت نه هئي ۽ انهن کي شرمندو ٿيڻو پيو، اڳواڻن فيصلي کي دل سان تسليم ڪيو، مخالفن کي به گهرجي ته الزام ڇڏي ملڪ کي اڳتي وڌڻ ڏين، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چٽو چيو آهي ته وزيراعظم جي اهليت تي ڪو به فرق نه پيو آهي، عمران خان جي مرضي جيڪو به ڪري، انشاالله نواز شريف ايندڙ 5 سالن لاءِ وزيراعظم ٿيندو ۽ عمران خان جو اهو عرصو به روئيندي گذرندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *