ڪراچي(م ڊ) پاڪ سر زمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاناما جي فيصلي سان عوامي مسئلا حل نه ٿيندا، فيصلي سان عام ماڻهو کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. جي آءِ ٽي ڪراچي ۾ بڻجي ها ته وزير اعظم سڀ مڃي ها. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزير اعظم جي رهڻ ۽ نه رهڻ سان ڪو به فرق نه پوندو. پاناما جو فيصلو جيڪو به اچي ان سان عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته پاناما جي فيصلي کي مڪمل پڙهڻ کان پوءِ پنهنجو موقف ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته عوامي مسئلن جو حل اڄ کپي، ڪيسيتائين پاناما جي فيصلن کي ڏسندا رهنداسين، حقيق پسندي تي ٻڌل موقف 24 ڪلاڪن کان پوءِ ايندو.