پاناما جي آئي ٽي حڪمران پارٽي جو اليڪشن سيل، اليڪشن مهم نعرو تيار ڪري رهي آهي:ڊاڪٽر طاهر القادري

June 11, 2017 at 11:40 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستاني عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته پاناما جي آئي ٽي حڪمران پارٽي جو اليڪشن سيل آهي ۽ مسلم ليگ (ن) جي مهم ۽ نعرو تيار ڪري رهي آهي، ان کان خير جي اميد رکڻ وارن تي حيران آهيان، حسين نواز ڪرسي ۽ ميز رکي ڏني وئي ۽ ان جي پنهنجي ميڊيا سيل تصوير ٺاهي جاري ڪئي ۽ پوءِ پاڻ ئي تبصرو به ڪري رهيا آهن. ملڪ ۾ عدليا ۽ انصاف جو قتل ٿي رهيو اهي، ماڊل ٽائون سانحي تي هر قسم جي اڳڀرائي روڪي وئي آهي. قساس تحريڪ جو هڪ رائونڊ ٿيو آهي اڃان ٻن جو حق رکون ٿا هن ملڪ ۾ اليڪشن نه پر ڊرامو ٿيندو آهي، تبديلي جھولي ۾ نه ايندي آهي، قوم کي جدوجھد ڪرڻي پوندي آهي، ملڪ جي سمورن سياسي قيادتن سان رابطي ۾ آهيان، تخت لاهور جي خلاف سڀني کي هڪ پليٽ فارم تي آڻيندس، اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهه مان وطن واپسي تي لاهور ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ايئر پورٽ تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هن جي آجيان ڪئي ۽ گل نڇاور ڪيا، ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون ۽ عدالتن جو حال ڪهڙو آهي پر مري دم تائين ماڊل ٽائون سانحي جي جنگ وڙهندا رهنداسين. ان کان پوءِ ڊاڪٽر طاهر القادري کي انتهائي سخت سڪيورٽي ۾ ان جي رهائشگاهه ماڊل ٽائون ۾ آندو ويو، ان موقعي تي ڪارڪنن پنهنجي قيادت جي حق ۾ نعرا هڻندي جھمريون به هنيون.

اي پيپر