پاناما جو فيصلو ايندي ئي اليڪشن مهم شروع ڪنداسين: عمران خان

اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي نئين تنظيمي ڍانچي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ايندڙ هفتي فيصلو اچڻ بعد عوام ۾ وڃڻ جو پلان ٺاهيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پاناما جو فيصلو ايندي ئي اليڪشن مهم شروع ڪنداسين، چاهيون ٿا ته هن دفعي لاهور جي سمورن تڪن تي پي ٽي آءِ کٽي، عمران خان چيو ته لاهور پنجاب جو دل آهي، جيڪو لاهور کٽندو آهي، اهو پنجاب کٽي ويندو آهي، جيڪو پنجاب کٽندو آهي، اهو پاڪستان کٽي ويندو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *