پاناما اسڪينڊل جمهوريت سان نه نواز شريف جي ذات سان لاڳاپيل آهي: نثار کهڙو

حيدرآباد (بيورو): سينئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته پاناما اسڪينڊل جمهوريت سان نه نواز شريف جي ذات سان لاڳاپيل آهي، گيلاني کي نااهل قرار ڏيڻ تي جمهوريت جي تڏا ويڙهه نه ڪئي پر وزيراعظم تبديل ڪيو، مان سمجهان ٿو ته سنڌ يا ملڪ ڪنهن جي جاگير ناهي، صوبائي وزير چيو ته هي ملڪ عوام جي جاگير آهي، آدمشماري نواز شريف نه سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿي رهي آهي، نواز شريف جي سنڌ جي دوري تي ردعمل ڏيڻ جي ضرورت ناهي، هن چيو ته نواز شريف روزانو به سنڌ اچي ته پرواهه ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *