اسلام آباد (بيورو) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پارٽي ۾ ڪو به اختلاف ناهي، مخالف ڌر اڳواڻ جي کوٽ کي پارٽي پورو ڪري رهي آهي، شهباز شريف جيستائين محسوس ڪري هو لنڊن ۾ ترسي، صوبائي پارلياماني پارٽي ۽ قيادت ان جو نوٽيس وٺندا، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف جو علاج اهم آهي، اسان لاءِ قيمتي اثاثو نواز شريف آهي ان بابت پارٽي ۾ ڪو به اختلاف ناهي، هن چيو ته جيڪي پنجاب جي وڏي وزير سان مليا هي اهي پراڻا لوٽا آهن جيڪي بني گالا ويا هئا، تحريڪ انصاف جي شفاف سياست جو اندازو هتان کان لڳائي سگهجي ٿو