پارٽي کي ڇڏي ويندڙ گروپ اُهو ئي جنهن وزير اعظم کي ووٽ نه ڏنا: راڻا ثناءُ الله

لاهور(م ڊ) پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن کي ڇڏي ويندڙ اهو ئي گورپ آهي جنهن وزير اعظم کي ووٽ نه ڏنا هئا، انهن جي وڃڻ سان پارٽي تي ڪو به فرق نه پوندو. پارٽي ڇڏي ونيدڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن تي رد عمل ڏيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ن ليگ ۾ ڪي به ڌڙا بنديون ناهن، پارٽي کي اُهي ماڻهو ڇڏي وڃي رهيا آهن جن جا تڪ ختم ٿي ويا. هن چيو ته ڪنهن جي اشاري تي هلڻ وارا جلد بي نقاب ٿيندا، پارٽي نواز شريف جي قيادت ۾ گڏ آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته جن اسيمبلي ميمبرن پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، وفاداريون تبديل ڪرڻ انهن جي عادت آهي ڇو ته هو هميشه حڪومت ۾ رهڻ چاهن ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *