اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) آصف زرداري مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي ڪاميابي جي دعا ڪئي آهي. بلاول ڀٽو چيو آهي ته شڪ ٿيو ته مولانا فضل الرحمان ڪنهن جي اشاري تي هلي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي پنهجي حمايت واپس وٺندي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي اڳوڻي صدر آصف زرداري سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ، آصفه ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو سوڌو پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ملاقاتون ڪيون. ڪيتري ئي دير تائين جاري ملاقات دوران آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويا. اُن موقعي تي صحافي سوال ڪيو ويو ته مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي حوالي سان توهان ڇا چوندئو؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته انشاءَ الله اسان جون دعائون ساڻس (مولانا فضل الرحمان سان) گڏ آهن. اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ۽ موجوده سياسي صورتحال تي صلاح مشورن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالهايو. ان موقعي تي هُن چيو ته سندن پارٽي ڌرڻي کانسواءِ هر سطح تي مولانا فضل الرحمان سان گڏ هوندي، پارٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته مولانا فضل الرحمان جي ڪهڙي طريقي سان حمايت ڪئي وڃي، پر جيڪڏهن شڪ ٿيو ته مولانا فضل الرحمان ڪنهن قوت جي اشاري تي هلي رهيو آهي ته پنهنجي حمايت واپس وٺنداسين. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي خواهش هئي ته گڏيل حڪمت عملي سان جلسو يا جلوس ڪيو وڃي، مولانا فضل الرحمان مارچ جو اعلان ڪيو آهي، ڪارڪن به چئي رهيا آهن ته حڪومت مان ڪڏهن جان ڇڏائيندئو؟ پيپلز پارٽي عوام جي مشڪلاتن لاءِ آواز اٿاريندي ۽ ڪابه طاقت سندن رستو نٿي روڪي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ سندن حڪومت تي حملي جي ڪوشش ڪئي ويندي، پر اُهي ڪامياب نٿا ٿي سگهن. هو ظلم برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر جمهوريت ۽ 18هين ترميم تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. هي ڪوڙي ۽ منافقن جي حڪومت آهي، موجوده حڪومت پارليامينٽ کي بي اثر ڪري ڇڏيو آهي، ڪنهن به اهڙي قدم جي حمايت نه ڪئي ويندي، جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي.