پارٽي ڇڏي ويندڙ عادي لوٽا آهن، ن ليگ کي انهن جي ضرورت ناهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پارٽي ڇڏي ويندڙ عادي لوٽا آهن، ن ليگ کي انهن جي ضرورت ناهي. وفاداريون تبديل ڪندڙ پنهنجي عادت کان مجبور آهن، ڄاڻڻو پوندو ته عادي لوٽن کي ڪير خواب ڏيکاري رهيو آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪلب ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جو نعرو هڻندڙ ساڍن چئن سالن تائين اهڙا آواز ڇو نه اٿاريو، انهن ماڻهن ترقياتي فنڊ وٺڻ جي باوجود تڪن ۾ ڪو نه ڪيو. هن چيو ته وفاداريون تبديل ڪندڙن کي پنهنجي مفاد کان سواءِ ڪنهن سان غرض ناهي، شهباز شريف ڏکڻ پنجاب کي ريڪارڊ ترقياتي منصوبا ڏنا. هن چيو ته عوام هوا جو رخ ڏسي وفاداريون تبديل ڪندڙن کي چونڊن ۾ رد ڪندو. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته هو اُهي ماڻهو آهن جن نواز شريف کي پارٽي صدارت جي لاءِ ووٽ نه ڏنا، نواز شريف ووٽ جي تقدس ۽ عزت جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *