ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف ايم اين اي عامر لياقت ۽ پارٽي ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن. گورنر هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ دعوت نه ڏيڻ تي عامر لياقت سخت ڪاوڙجي پيو ۽ هن سنڌ جي پارلياماني پارٽي جو واٽس ايپ گروپ به ڇڏي ڏنو آهي. عامر لياقت گروپ ڇڏڻ کان اڳ وائس ميسيج ڪيو، جنهن ۾ هن سڌ سماءَ واري سيڪريٽري شهزاد قريشي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خدا جي واسطي بهتري آڻيو، روز روز ايتريون سيٽون نه ملنديون، پنهنجي عزت پنهنجي هٿن سان خراب نه ڪيو، پنهنجي ئي ماڻهن سان زيادتي ڪرڻي آهي ته پوءِ اڳتي هلي مسئلا پيدا ٿيندا. عامر لياقت گِلا ڪئي ته مون کي ڇو نه گهرايو ويو؟ گورنر صاحب حلف برداري ۾ گهرايو پر ڊنر ۾ ڇو نه گهرايو؟ جڏهن ته هن پي ٽي آءِ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جو معاملو ڊسپلنري ڪميٽي موڪلڻ تي اسرار ڪيو. ان معاملي تي پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر فردوس شميم نقوي جو چوڻ آهي ته جڏهن ڊنر ٿيو ئي نه ته ڪنهن کي گهرائڻ يا نه گهرائڻ ڪهڙو؟ جڏهن ته تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد، عامر لياقت تي وزارت نه ملڻ سبب واويلا ڪرڻ جو الزام مڙهيو. هوڏانهن ان معاملي تي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته عامر لياقت جي ڳالهه تي جواب ڏيڻ ائين آهي ته ”الله اسان سڀني کي هدايت ڏئي“، جڏهن ته صدارتي اميدوار عارف علوي چيو ته ان معاملي تي مان ڪجهه نٿو چئي سگهان، ان جو جواب عمران خان ڏئي.27