اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پارليامينٽ کي پارليامينٽرينز تباهه ڪري ڇڏيو آهي، خواجه آصف آمريڪا ۾ پنهنجي زال جي نالي تي رقم موڪلي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته خواجه آصف ۽ نواز شريف جهڙن ماڻهن اسيمبليءَ کي تباهه ڪيو آهي، خواجه آصف آمريڪا وڃي سندن ٻولي ڳالهائيندو آهي. هن چيو ته ڇا ڀارتي پرڏيهي وزير جي مجال آهي جو دبئي ۾ وڃي نوڪري ڪري؟ شاهد خاقان عباسي کي خبر ناهي ته پرڏيهي وزير نوڪري نه ٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جو پرڏيهي وزير دبئي ۾ هڪ ڪمپني جو ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جي پگهار 16 لک رپيه آهي.عمران خان چيو ته خواجه آصف کان وڌيڪ ڪو ڪوڙو انساني ٿي سگهي ٿو؟ عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ اسيمبلي قانونسازي ڪئي آهي. هن چيو ته حديبيا پيپر ملز مني لانڊرنگ لاءِ قائم ڪئي وئي، شريف خاندان پنهنجي نوڪرن ذريعي مني لانڊرنگ ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جو ڊرائيور 18 ڪروڙ رپيه موڪليندو آهي، هتان ويندڙ ڪارو ناڻو اڇو ٿي واپس ايندو آهي. عمران خان چيو ته جاتي امرا جو ڊرائيور پنهون 5 ڪروڙ رپيه هڪ شخص کي موڪلي رهيو آهي، نواز شريف 80 ڪروڙ مريم نواز کي ڏنا. هن چيو ته هي ماڻهو پنجاب پوليس کان مني لانڊرنگ ڪرائين ٿا ته ان جو به خراب حال ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته نيب پنجاب جي وڏي وزير کي طلب ڪري زبردست ڪم ڪري رهيو آهي، قوم نيب چيئرمين طرف ڏسي رهي آهي. عمران خان چيو ته شريف خاندان هميشه ادارن تي دٻاءُ وڌو آهي، منهن بند ڪرڻ لاءِ مون تي 12 ڪيس داخل ڪيا ويا. هن چيو ته پرڏيهي وزير خواجه آصف سڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪي ناڻي تي هڪ چوري کي ويهاريو ويو، 92ع کانپوءِ شريف خاندان جي دولت ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿيو آهي. عمران خان چيو ته نواز شريف جي پئسن جي منتقلي جي ٽريل کين ملي وئي آهي، اها نيب چيئرمين حوالي ڪنداسين. هن چيو ته ڪهڙي پارليامينٽ آهي جنهن ۾ وزيراعظم ڪوڙ ڳالهايو جڏهن ته اسپيڪر ڪو به نوٽيس نه ورتو. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ ۾ چورن جي مافيا ويٺل آهي، مان ڪيئن اهڙي پارليامينٽ جي عزت ڪيان جتي ڏوهاري ويٺل آهن. عمران خان چيو ته پارليامينٽ ۾ لعنت جو ننڍو استعمال ڪيو آهي، مان ته اڃا به وڌيڪ سخت لفظن استعمال ڪري پئي سگهان. هن چيو ته حديبيا پيپرز ملز سڌو ڪيس آهي، نيب ڪيس درست نموني پيش نه ڪيو.