پارليامينٽ ۾ دفاع واري بجيٽ به بحث هيٺ آندي وڃي: عاصمه جهانگير

اسلام آباد (بيورو): نامياري قانون دان عاصمه جهانگير چيو آهي ته مان چوان ٿي سڀ کان پهرين احتساب اهو آهي ته پارليامينٽ جي اندر بجيٽ پوري بحث هيٺ آندي وڃي، دفاع واري بجيٽ به بحث هيٺ آندي وڃي، عوام کي خبر هئڻ گهرجي ته پئسا ڪٿي استعمال ٿي رهيا آهن، هن چيو ته 184(3) غريبن لاءِ استعمال
ٿيڻ گهرجي پر اهو پنهنجي پگهارن وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، ميمو گيٽ لاءِ استعمال ڪيو ويو، مان نواز شريف سان گڏ ناهيان، مان قانون جي بالادستي سان گڏ آهيان، جيڪڏهن فوج سياست ۾ ايندي ته ان جي ڪردار تي ڳالهه ٿيندي، منهنجو پارليامينٽ سان جهيڙو آهي، مون ڪڏهن مسلم ليگ ن کي ووٽ ناهي ڏنو، ووٽ هميشه پيپلز پارٽي کي ڏنو آهي، پاڪستان جي عوام کي ايترو غير  سياسي نه سمجهيو وڃي ته اسان سمجهنداسين نه،وڃي معلوم ڪريو ته وفاقي شريعت ڪورٽ جي ڪيتري بجيٽ آهي ۽ ان ۾ ڪيترا ڪيس التويٰ هيٺ پيل آهن، اهي پئسا عوام جا وڃي رهيا آهن، ڇا ٻيون عدالتون غير شرعي آهن، اهي به شريعت مطابق فيصلا ڏينديون آهن، ڪشميري اسان جا ڀائر آهن، پر اسان کي اهو حق نٿو پهچي ته اسان انهن جي وزيراعظم جي تذليل ڪريون، هن چيو ته خطي ۾ رهڻو آهي ته پاڙيسري ملڪن ايران، افغانستان ۽ ڀارت سان بهتر لاڳاپا رکڻا پوندا، هن چيو ته فاٽا جو معاملو سياسي مسئلو آهي، سوال اهو ناهي ته فاٽا ڪي پي ۾ ضم ٿيندو يا الڳ رهندو پر سوال اهو آهي ته انهن کي بنيادي حق ذريعي ملندا يا نه ملندا، انهن کي بنيادي حق صدارتي آرڊر ذريعي به ملي سگهن ٿا، هن چيو ته پڇون ٿا ته وزيراعظمن کي ڇو ڪڍيو ويندو آهي، ڪو به نمائندو پنهنجو قانوني مدو پورو نٿو ڪري سگهي، ڪشمير جو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿيندو، اسان سوچيو هيو ته پاناما ڪيس ۾ هيرن جون ٻوريون نڪرنديون پر نڪتو اقامو، 18هين ترميم وقت چيو هيو ته 62، 63 ۾ ترميم ڪئي وڃي، هن چيو ته جج لاءِ ايمانداري ئي نه قابليت به ضروري هوندي آهي، معاملو نيب ۾ هليو ويو، مون کي اختلاف ناهي، نيب جي معاملي ۾ هڪ جج کي مقرر ڪيو ويو، جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *