اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف جماعت اسلاميءَ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، وزيراعظم جماعت اسلاميءَ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ نااهلي لاءِ داخ درخواست تي لکت ۾ جواب جمع ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي تقرير دوران ڪا غلط بياني ناهي ڪئي ۽ نه ئي پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي لکت واري جواب ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هو لنڊن ۾ چئکن فليٽن مان ڪنهن هڪ جو به بينيفشل مالڪ نه آهي. مون پنهنجي آمدنيءَ جا گوشوارا ۽ انڪم ٽئڪس ريٽرن ۾ سموري تفصيل داخل ڪئي آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 248 تحت ڇوٽ جو مطالبو ناهي ڪيو، جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هر ميمبر پارليامينٽ ۾ خيالن جي اظهار جو حق رکي ٿو