پارليامينٽ ۽ حڪومت تي ڇڏيون ٿا ته 6 مهينن ۾قانونسازي ڪري: سُپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ 6 مهينن تائين توسيع پارليامينٽ ۾ قانونسازي سان مشروط ڪري ڇڏي آهي. سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته هاڻي هي مامرو حڪومت ۽ پارليامينٽ تي ڇڏيون ٿا. اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي 6 مهينن لاءِ مشروط طور واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل انور منصور ۽ آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم پيش ٿي حلف ناما جمع ڪرايا. ٻڌڻيءَ کانپوءِ سُپريم ڪورٽ مختصر فيصلو جاري ڪيو ۽ چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. فيصلي ۾ سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته عدالت جي اڳيان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو مامرو آيو، آرمي چيف جي مقرري کي چئلينج ڪيو ويو هو. عدالت جي اڳيان آئين جي آرٽيڪل 243 جو مامرو آيو ۽ حڪومت آرمي چيف جي مقرريءَ ۾ آرٽيڪل 243 تي ڀاڙي رهي آهي. سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته آرمي چيف جي ٻيهر مقرري واري مامري تي قانون خاموش آهي، اسان هي مامرو حڪومت ۽ پارليامينٽ تي ڇڏيو آهي، آرمي چيف جي مقرري 6 مهينن لاءِ هوندي ۽ اُنهي عرصي ۾ قانون ٺهڻ کانپوءِ مامرو کي وڌيڪ ڏٺو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *