پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس، اپوزيشن جو سخت احتجاج، وزيراعظم جي شرڪت جو مطالبو

اسلام آباد: (بيورو) ڀارت طرفان والاريل وادي جي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ کان پوءِ لائحه عمل جي تياري جي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جاري آهي. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي صدارت  ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن سميت وزيراعظم آزاد ڪشمير راجا فاروق حيدر به شريڪ ٿيا. وزيراعظم آزاد ڪشمير اجلاس ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽي ٻڌي شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير اعظم سواتي ڀارت جي طرفان ايل او سي جي خلاف ورزي ۽ ڪلسٽر بمن جي استعمال تي بحث جي لاءِ تحريڪ پيش ڪئي. پر تحريڪ ۾ آرٽيڪل 370 جي بنيادي معاملي کي شامل نه ڪرڻ تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو جنهن کان پوءِ اعظم سواتي آرٽيڪل 370 کي بحث ۾ شامل ڪرڻ جي ترميمي تحريڪ پيش ڪئي. اپوزيشن جي مطالبي تي آرٽيڪل 370 جي لاڳو ٿيڻ سان پيدا ٿيل صورتحال تي بحث جي تحريڪ منظور ڪري ورتي ۽ اسپيڪر بحث جي شروعات جي لاءِ شيرين مزاري کي مائيڪ ڏنو، پر بحث جي شروعات اپوزيشن اڳواڻ شهبازشريف کان نه ڪرائڻ تي مخالف ڌر احتجاج ڪيو جڏهن ته اپوزيشن گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت جو به مطالبو ڪيو. اپوزيشن جي احتجاج کان پوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 20 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.گڏيل اجلاس جو ماحول بهتر ڪرڻ جي لاءِ اپوزيشن ۽ حڪومت جي اسپيڪر جي موجودگي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ اپوزيشن طرفان خورشيد شاهه، نويد قمر،  شازيه مري ۽ اياز صادق شرڪت ڪئي جڏهن ته حڪومت جي طرفان شفقت محمود، شيرين مزاري ۽ عامر ڊوگر به شامل هئا پر حڪومتي وفد اپوزيشن کي راضي نه ڪري سگهيو. ٻئي طرف اپوزيشن جي اسيمبلي ميمبرن اسپيڪر اسد قيصر کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم سميت غير حاضر ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن. ايم اين اي ۽ وزيراعظم عمران خان کي جوائنٽ سيشن ۾ طلب ڪريو. هنن چيو ته ايوان جي سمورن ميمبرن کي جوائنٽ سيشن جي اجلاس ۾ اچڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *