پارا چنار( م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان جي هر علائقي جي سڪيورٽي برابري جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي. پارا چنار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته سموري ملڪ جو عوام برابر آهي، پارا چنار لاءِ سيف سٽي پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پارا چنار کي محفوظ شهر بڻائڻ لاءِ فوجي جٿا پهچي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته افغان سرحد تي تار لڳائڻ جو ڪم ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان ڪنهن به فرقي کان مٿڀرا پاڪستاني آهيون. سندس چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سڪيورٽي بابت خاص هدايتون جاري ڪيون آهن.