پاراچنار ۾ روڊ بند هجڻ خلاف واپارين پاران اڄ هڙتال جو اعلان

پارا چنار (م ڊ) انجمن تاجران پاراچنار ۾ روڊن جي بندش خلاف هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سبب اڄ سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهندا،  ٽريڊ يونين جي صدر چيو آهي ته ڪوهاٽ امن معاهدي تي عمل نه ٿي رهيو آهي، اسان هر اداري جو دروازو کڙڪايو پر اسان کي ڪو به مناسب جواب نه مليو، ان ڪري اسان اڄ سمورا ڪاروباري مرڪز ۽ دڪان بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انجمن تاجران پاراچنار پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان جا ڪروڙين رپيا سامان تي خرچ ٿيا آهن، قافلي ۾ امدادي سامان نالي ڪا به شيءِ ناهي، سمورو سامان دڪاندارن ۽ واپارين جو آهي، ٻي پاسي ڪي پي حڪومت جي هيلي ڪاپٽر سروس جاري آهي. ڪالهه به هيلي ڪاپٽر ايم آءِ 17 ذريعي پنج اڏامون سامان ۽ مسافر کڻي روانيون ٿيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *