پاراچنار/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاراچنار جي وچ شهر ۾ امام بارگاهه سامهون زوردار ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ۵۰ شهري زخمي ٿي پيا آهن، زخمين مان عورت ۽ ٻن ٻارن سميت ۱۷ ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ۳۰ کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليٽيڪل انتظاميا تمام اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائي ڇڏي آهي. زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي جي آواز ۵ ڪلوميٽر تائين ٻڌي وئي آهي. ٻئي طرف علائقي کي پاڪ فوج جي جوانن گهيري ورتو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق زخمين کي ٻين شهرن ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر به موڪليا آهن. ٻئي پاسي پارا چنار ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ٿي آهي. پارا چنار جي علائقي گرماڻي جي نور بازار ۾ ڌماڪي سبب 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته 30 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليٽيڪل اتنظاميا موجب ڌماڪي کان اڳ فائرنگ ڪئي وئي جڏهن ته هن وقت تائين فائرنگ جا آواز ٻڌا پيا وڃن. واقعي کان پوءِ پارا چنار ۽ ڀرپاسي وارين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ وزير اعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين پاران ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جون هدايتون ڪيون آهن جڏهن ته شهيد ٿيلن جي وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه، پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري، جماعت اسلامي اسلامي جي امير سراج الحق ۽ فاٽا جي اڳوڻي سيڪريٽري سميت ٻين طرفان ڌماڪي تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي جڏهن ته شهيدن جي وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو. سندن چوڻ آهي ته قوم دهشتگردن خلاف گڏيل آهي.