اسلام آباد(بيورو)پريس ڪانفرنس ڪندي ڪالهه صحت بابت خصوصي معاون ظفر مرزا جو چوڻ هو ته پابندين ۾ لاپرواهي ڪئي وئي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين ۽ بيمار ماڻهن جو انگ وڌي سگهي ٿو، اسان کي ذميوارين ۽ احتياط ۾ پهريان کان وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڪورونا جي مريضن جو علاج ڪندڙ 20 اسپتالن جي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي سرينا هوٽل منجهند ۽ شام جي ماني مفت ۾ فراهم ڪندو، اهو سلسلو سومر کان شروع ٿيندو هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جون 48 هزار 584 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، ۾ ڪورونا متاثرن جو تصديق ٿيل تعداد 4 هزار 788 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا متاثرن جي تصديق ٿيل ڪيسن ۾ 190 ڪيسن جو اضافو ٿيو آهي جن ۾ وڌ ۾ وڌ ڪيس سنڌ صوبي ۾ 86 ٿيا آهن، ظفر مرزا جو چوڻ هو ته ملڪ جي اسپتالن ۾ ڪورونا متاثر 1411 مريض داخل آهن، جن مان 50 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن تي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي، وينٽي ليٽر تي ايندڙ ڪورونا متاثرن جي تعداد ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، هن وقت تائين 72 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿيا، هن انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته قرنطينه ۾ 17 هزار 393 ماڻهو آهن، جن مان 14 هزار 556 ڄڻن جون ٽيسٽون ٿيون آهن، قرنطينه ۾ موجود جن شهرين جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن انهن مان 18 سيڪڙو شهرين کي ڪورونا وائرس ظاهر ٿيو آهي.