پئٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافو حڪومتي پاليسين جي ناڪامي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد( بيورو ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ حڪومتي پاليسين جي ناڪامي آهي. هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته حڪومتي دعائون ڪٿي آهن، مالياتي ذخيرا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح کي ڇهي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۽ قوم تي اندروني ۽ پرڏيهي قرضن جو برداشت نه ٿيڻ جوڳو بار وڌو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومتي پاليسين جو نتيجو ڪو خير وارو نه نڪرندو. خورشيد شاهه چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ عوام تي ظلم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته حڪومت جون  صحت، تعليم، ترقي ۽ خوشحالي جون ڪوڙيون دعوائون وائکيون ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته پ پ عوام تي ٻٽو عذاب لاڳو ٿيڻ نه ڏيندي، حڪومت پئٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ اضافو فوري طور واپس وٺي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *