پشاور(م ڊ) وزير اعظم عمران خان خيبرپختونخواهه صوبي جي راڄڌاني پشاور ۾ بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.لڳ ڀڳ 3 سالن تائين انتظار ڪرڻ کان پوءِ آخر هاڻ خيبرپختونخواهه صوبي خاص طور پشاورجي شهرين کي هاڻ سفر جي بهتر ۽ جديد سهولت ميسر ٿي سگهندي.افتتاح کان اڳ وزير اعظم عمران خان ضلعي خيبر ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا به پياريا جڏهن ته وڻ ڪاري مهم تحت ٻوٽا به هنيا ۽ احساس نشوونما پروگرام کي جاري ڪيو.بعد ۾ هو پشاور ۾ بي آر ٽي جو افتتاح ڪرڻ پهتو جتي وزير اعظم عمران خان سان گڏ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان، بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻيون اختياريون به موجود هيون.افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين ميٽرو بس سروس منصوبو آهي ۽ هي ٿرڊ جنريشن آهي جنهن جا اثر پشاور ۾ پوندا.هن چيو ته ان منصوبي سان ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿي ويند ، ان جو مرڪزي ڪوريڊور 27 ڪلو ميٽر آهي جڏهن ته فيڊرز روٽ 60 ڪلو ميٽر آهي جنهن سان سڄو پشاور ڪور ٿي ويندو ۽ شهر جي لاءِ هڪ جديد منصوبو آهي.گڏوگڏ ئي هن چيو ته ترقي ۾ اِهو پهريون مرحلو هوندو آهي جڏهن جديد سفري نظام فراهم ڪيو ويندو آهي.عمران خان جو چوڻ هو ته مون کي ان منصوبي تي خدشا هئا پر آئون اڄ پرويز خٽڪ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ چوان ٿو ته اسان غلط هئاسين ۽ توهان درست هئا.بس جي ڀاڙن تي ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته وڏي وزير محمود خان جيڪو ڀاڙو رکيو آهي اُهو بلڪل ٺيڪ آهي، اسان جي هر پروگرام ۾ اِهو هئڻ گهرجي ته عام ماڻهو جي زندگي کي ڪيئن بهتر ڪجي.هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 10 ۽ وڌ ۾ وڌ 50 رپيا ٽڪيٽ هر ڪنهن جي لاءِ قابل برداشت آهي ۽ انهيءَ سان مزدورن ۽ عام ماڻهن کي مدد ملندي.ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته ان منصوبي سان شاگردن کي فائدو ٿيندو ۽ ماڻهن کي اسپتالن ڏانهن وڃڻ ۾ به مدد ملندي.گڏوگڏ ئي وزير اعظم جو اِهو به چوڻ هو ته ان منصوبي سان پشاور ۾ توهان جي في ڪس آمدني به وڌي ويندي ۽ شهر جي ٽرانسپورٽ ۾ بهتري ايندي.