اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسان جي ليڊر عدليا مخالف نعرا هڻڻ ناهي سيکاريو، ووٽ جي عزت تي ڳالهه ڪندڙ جمهوري قائد جي زبان بند ڪئي پئي وڃي، آئيني ادارن کي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، اها ئي پاڪستان جي طاقت هوندي. اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب ۾ اٺين بورڊ ويج ايوارڊ جي اعلان واري تقريب ۾ خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جو جمهوري ڪيس لاهن چاڙهن جو شڪار آهي پر صحافي سدائين جمهوريت جا ساٿاري رهيا آهن، ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻيندڙ 3 ڀيرا عوام طرفان چونڊيل وزيراعظم جي زبان بند ڪرڻ افسوسناڪ آهي، چيف جسٽس ٿو چئي ته عدليا خلاف نعرا هنيا ويا پر مان ڪارڪنن کي نعرا هڻڻ کا روڪيو هو، اسان ئي قائد اهو ناهي سيکاريو. سندس چوڻ هو ته جولاءِ تائين ملڪ ۾ جمهوريت جا 10 سال مڪمل ٿي ويندا.27