ٽيڪس نه ڏيندڙن جي زمين،گاڏيون خريدڻ تي ٻيهر پابندي جو اعلان: ضمني بجيٽ منظور

اسلام آباد( بيورو ) قومي اسمبلي ضمني مالياتي ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيڪس نه ڏيندڙن تي زمين ۽ گاڏيون خريدڻ تي پابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسدعمر ننڍي بجيت وارو بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، اسپيڪر اسد قيصر وائس ووٽنگ ذريعي بل جي منظوري جو عمل شروع ڪيو ته مخالف ڌر طرفان شق 2 کي چئلينج ڪيو ويو ۽ ان تي راءِ شماري جو مطالبو ڪيو ويو جنهن کي اسپيڪر منظور ڪري ورتو. قومي اسمبلي ۾ ضمني مالياتي ترميمي بل 2018 جي شق 2 تي راءِ شماري ڪئي وئي جنهن جي حمايت ۾ 158 ۽ مخالفت ۾ 120 ووٽ آيا. ايوان ۾ بل جي شق وار منظوري ورتي وئي، بل ۾ آخري ترميم پي پي ميمبر طرفان پيش ڪئي وئي جنهن ۾ اسمبلي ميمبرن جون پگهارون ۽ مراعتون وڌائڻ سميت پينشن جو حق ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. ناڻي واري وزير اسد مير ترميم ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي معيشت جي صورتحال ٺيڪ ناهي تنهنڪري مطالبو نٿو مڃي سگهجي.قومي اسمبلي مخالف ڌر طرفان پيش ڪيل  چئن ترميمن  کي بل منظور ڪري ورتو. جنهن بعد قومي اسمبلي جي اسپيڪر اجلاس اڻ اعلانيل معد تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *