ٽيچنگ لائسنس وارن کي 16 گريڊ ۾ نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي(م ڊ) سنڌ حڪومت ٽيچنگ لائسنس جو امتحان پاس ڪندڙ استادن کي گريڊ 16 ۾ نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان  حوالي سان تعليم واري وزير سردار شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) پاران مناسب اسٽيج تي فيصلو ٿيڻ کانپوءِ لائسنس جو امتحان پاس ڪندڙ استاد سرڪاري ملازمت جو حصو بڻجي ويندا، هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته لائيسنس پاس اميدوارن کي گريڊ 16 جي نوڪري قانوني تحفظ سان ملي، اهو معاملو منظوري لاءِ ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، ان کان سواءِ ٽيچنگ لائسنس پاس اميدوارن جي اهليت کي جانچڻ لاءِ ڪيس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويندو، ياد رهي ته ضابطن موجب گريڊ 16 جي نوڪري لاءِ ايس پي ايس سي جو مرحلو پاس ڪرڻ لازمي آهي، ان کان اڳ 646 اميدوارن جنوري 2024 جي ٽيچنگ لائسنس جو امتحان پاس ڪيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *