ٽيچرز ٽريننگ ادارن کي عالمي معيار مطابق آڻڻ جي ضرورت آهي: ڄام مهتاب ڏهر

February 10, 2017 at 11:56 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(هه آ) ): تعليم ۽ خواندگي واري وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته معياري تعليم جو تعلق سٺن ۽ قابل استادن سان سلهاڙيل آهي ۽ جيستائين اسانجي ٽيچرز جي تربيتي ادارن جو معيار بلند نه ٿيندو ان وقت تائين اسان کي اعليٰ معيار جا استاد نه ملي سگهندا. اها ڳالهه اڄ هن تغلق هائوس ۾ ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ انڊر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٿيندڙ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري تعليم اسڪول جمال مصطفيٰ سيد، ڊائريڪٽر آئي بي اي سکر ڊاڪٽر نثار احمد صديقي، ڊائريڪٽر آئي بي اي ڪراچي ڊاڪٽر سعيد احمد غني ۽ اقرا يونيورسٽي، آغا خان يونيورسٽي، زيبسٽ يونيورسٽي جي نمائندن ۽ ٻين آفيسرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ استادن جي تربيتي ادارن کي عالمي معيار مطابق آڻڻ، استادن جي تدريسي صلاحيتن کي جديد نصاب جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ تعليمي نصاب کي موجوده دور جي ضرورتن مطابق آڻڻ متعلق ڪيترين اهم تجويزن تي تفصيل سان بحث ڪيو ويو. اجلاس جي سمورن شريڪ ٿيندڙن ان ڳالهه تي متفق هئا ته جيستائين ڄاڻايل هدف کي حاصل نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين تعليم جي شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي. صوبائي وزير تعليم پنهنجي ان عزم جو ارادو ڪيو ته تعليم جي سمورن شعبن ۾ سڄي صوبي ۾ بهترين خدمتون ٻارن کي فراهم ڪيو وينديون ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ خانگي شعبي جو تعاون به حاصل ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب حسين ڏهر وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سنڌ ڪيوريڪولم اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اٿارٽي جي قيام سان تعليمي نصاب کي جديد خطوط تي آڻڻ ۽ ڪيترن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته ان اٿارٽي کي سٺي طريقي سان هلائڻ لاءِ اوپن مارڪيٽ مان اهل ۽ قابل ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته گذريل ٻن مهينن دوران ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو ۾ 1467 بند اسڪولن کي ٻيهر کوليو ويو آهي ۽ وڌيڪ بند اسڪول جلد کوليا ويندا.

اي پيپر