ٽنڊي باگي ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر کلي نه سگهيا، هزارين عورتون پريشان

ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو سميت تعلقي جي ٻين شهرن کوسڪي، ولي محمد ملڪاڻي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا قائم ڪيل سينٽر ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود لوڪيشن نه ملڻ ڪري هلي نه سگهيا آهن. سينٽر نه هلڻ ڪري هزارين عورتون پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويون آهن. ٽنڊوباگو شھر جي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ مستحق عورتن لاء آيل انڪم سپورٽ جي قسط جاري ڪرڻ لاءِ قائم سينٽر تي موجود ڊوائيز هولڊرن ممتاز ۽ زمان انڙ موجب ته بسپ ۽ بئنڪ جي آفيسرن پاران ڊوائيزن جي لوڪيشن نه ملڻ ڪري سينٽر هلي نه سگهيا آهن. هنن چيو ته جمع شام تائين لوڪيشن ملڻ کانپوءِ اڄ ڇنڇر تي مستحق عورتن لاءِآيل قسط وارا پيسا کين جاري ڪيا ويندا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *