ٽنڊي الهيار ۾ دوستن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
منصور ڪالوني ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ عدنان شاهه مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو لڇمڻ ڀيل زخمي ٿي پيو.
زخمي لڇمڻ ڀيل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار عمران اوڏ کي گرفتار ڪري وٽانئس قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل پڻ هٿ ڪري ورتو.