ٽنڊي الهيار ۾ ٽن دوستن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، پوليس فائرنگ ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو

ٽنڊي الهيار ۾ ٽن دوستن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، پوليس فائرنگ ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو.

منصور ڪالوني ۾ ويٺل دوستن ۾ جهيڙو ٿي پيو، عمران اوڏ جي فائرنگ ۾ عدنان شاهه نالي نوجوان موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته راجو ڀيل سخت زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو.

ٻئي پاسي پوليس فائرنگ ڪندڙ عمران اوڏ کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل به هٿ ڪيو ويو.

پوليس موجب، شروعاتي طور تي ڄاڻ ملي آهي ته ٽئي دوست نشي ۾ ڌت هئا، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *