ٽنڊو آدم، ڪوٽڙي ۽ جيڪب آباد ۾ ريلوي ڪراسنگ تي تعمير ٿيندڙ پلن کي جون تائين پورو ڪيو وڃي؛وڏو وزير

ڪراچي (هه آ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روڪس اينڊ سروس کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ٽنڊو آدم، ڪوٽڙي ۽ جيڪب آباد ۾ ريلوي ڪراسنگ تي تعمير هيٺ ٽن اوور هيڊ پلن کي جون 2018ع تائين پورو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اڻپوري ڪم ڪري ماڻهو سنگين قسمن جي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن اها ڳالهه اڄ ريپيئر اينڊ مينٽيننس (ايم اينڊ آر) تحت شروع ڪيل رٿائن ۽ اڻپورين رٿائن تي اڳڀرائي بابت اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري ورڪس اعجاز ميمڻ، چيف انجنيئر (روڊ) ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس گذريل جنوريءَ ۾ ٽنڊو آدم جو ڪيل دوري دوران هن اوور هيڊ پل بشمول ريلوي ڪراسنگ سان گڏ روڊن جو دورو ڪيو هو ۽ اها ڳالهه نوٽ ڪئي هئي ته ورڪس کاتي ريلوي پورشن کي ڇڏي ڪري باقي ڪم تقريبن پوري ڪري ڇڏيو آهي. ان تي سيڪريٽري ورڪس اعجاز ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته ريلوي اٿارٽيز ريلوي ڪراسنگ تي پورشن جي تعمير لاءِ اين او سي جاري نه ڪري رها آهن. وڏي وزير ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سيڪريٽري ورڪس کي هدايت ڪئي ته اهي ذاتي طور تي ريلوي اٿارٽيز سان ڳالهه ٻول ڪري ۽ اين او سي حاصل ڪري. هن چيو ته ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ لاڳاپيل اٿارٽيز سان گڏ پاڻ ڳالهائيندو. هن هدايت ڪئي ته ان کي جون 2018ع تائين پورو ڪيو وڃي. ڪوٽڙي شهر ۽ ڪوٽڙي انڊسٽريل ايريا وچ ۾ ريلوي لائين تي اوو هيڊ پل بابت ويچاريندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن فيبروري جي پهرين هفتي ۾ پل جو دورو ڪيو هو. هن چيو ته پل تي ڪم مڪمل ٿيڻ باقي آهي. وڏي وزير کي سيڪريٽري ورڪس ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد سيپٽمبر 2017ع ۾ اسٽي آرڊ جاري ڪري ڇڏيو هو. ان تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته هُو عدالت ۾ ٻڌڻيءَ جي سٺي ريت پيروي ڪئي وڃي ۽ اسٽي آرڊ کي ختم ڪرائي ڪم شروع ڪيو وڃي. هن کين اها به صلاح ڏني ته اهو به ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن ريلوي اٿارٽيز اين او سي جاري ڪيو آهي يا نه، ته جيئن ان مامري کي به اهڙي طرح سان حل ڪيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته جهل ڦاٽڪ (ريلوي ڪراسنگ) جيڪب آباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري فلاءِ اوور پل جو ڪم به اڻپورو آهي. سيڪريٽري ورڪس هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته ڪجهه خانگي پارٽين هاءِ ڪورٽ ۾ ڪليم فائل ڪيا آهن. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم کي هدايت ڪئي ته هُو چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم (سي ايم آءِ ٽي) ذريعي ڪمن جي رنڊڪ ۾ غير ضروري دير جي جاچ ڪرائي. هن چيو ته اوهان ذاتي طور تي رٿا جو دورو ڪريو ۽ ان جي تڪميل جون 2018ع تائين يقيني بڻايو وڃي. هن چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت انهن رٿائن تي لکين رپيا خرچ ڪيا آهن ۽ جيستائين اهي رٿائون مڪمل نه ڪيون ويندو ان وقت تائين انهن مان ڪو لاڀ حاصل نه ٿي سگهندو. هن چيو ته مان انهن ٽنهي رٿائن کي جون 2018ع تائين مڪمل ڏسڻ چاهي ٿو انڪري ان حوالي سان جيڪي به رڪاوٽون آهن انهن جو خاتمو ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *