ٽرين ۾ سيٽ وٺڻ لاءِ ڳورهاري هجڻ جي ايڪٽنگ ڪندي هيس: وڌيابالن

ممبئي (اين اين آءِ) عورتن جي ڪردار تي ٻڌل ڪهاڻي ۽ ڊرٽي پڪچرز جهڙين فلمن مان سڃاڻپ حاصل ڪندڙ اداڪاره وڌيابالن چوي ٿي ته هڪ اداڪار ۾ اداڪاري جا اثر خود ٿيندا آهن ان جي اداڪاري ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ٻاهر ايندي آهي فلم ڪهاڻي ۾ وڌيابالن هڪ ڳورهاڙي عورت جو ڪردار ادا ڪيو هو هن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته مان شاگردياڻي هيس ته اسان ٽرين ۾ سفر ڪندا هئاسين اسان جي گروپ جون ڇوڪريون تمام حرڪتي هيون ۽ مان به انهن مان هڪ هيس هن ٻڌايو ته اسان ٽرين ۾ جدا جدا مستيون ڪندا هئاسين ڪڏهن ڪڏهن اسان ٿڪل هوندا هئاسين جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته ٻين ماڻهن کي سيٽ ڏيڻي پوندي هئي ڪيترائي دفعا ته سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مان ڳورهاري هجڻ جي ايڪٽنگ ڪندي هيس ان بهاني سان اڪثر مون سيٽ ملي ويندي هئي تازو ئي وڌيابالن اداڪار انوپمکير جي ايڪٽنگ اسڪول ويئي هئي ۽ اتي ڳالهائڻ دوران هن پنهنجا اهڙا قصا شيئر ڪيا وڌيابالن جي قصي ٻڌڻ کان پوءِ اداڪار انوپمکير به ممبئي شهر ۾ پنهنجي شروعاتي ڏينهن کي ياد ڪندي ٻڌايو ته اسٽرگل جي دوران مون وٽ ايترو ڪم نه هيو ۽ سٺو کاڌو کائڻ لاءِ نه ملندو هو هن چيو ته انهن ڏينهن ۾ منهنجو رنگ تمام چٽو هو ۽ منهنجي ڏاڙهي ناسي هئي انهن ڏينهن ۾ مون کي هڪ ڊرامي جي لاءِ اڇو سوٽ پائڻ لاءِ مليو ۽ ان ڊرامي جا ڪيترائي شو ڪرڻ کان پوءِ هو سوٽ ان مون کي ڏيئي ڇڏيو انوپمکير چيو ته مان ان سوٽ کي ڪڍڻ ۽ ان جي پائڻ کان پوءِ پنهنجو نالو تبديل ڪندو هيس. مختلف نالا تبديل ڪري مان پنهنجي دوستن سان آٽو ۾ ويهندو هيس ۽ اسان شادي ۾ ويندا هئاسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *