لاهور (م ڊ): قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ڪو اهڙو قدم نه کڻندو، جنهن سان پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپن تي اثر پوي، اسپيڪر اياز صادق پنهنجي چونڊ تڪ سمن آباد جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته ٽرمپ سعودي عرب ۾ تقرير ۾ پاڪستاني قربانين جي تعريف نه ڪئي، ڪانفرنس ۾ ڪيترائي ملڪ اهڙا هئا، جيڪي ايران خلاف ڪارروائي جي حمايت نٿا ڪن، هن چيو ته اسان قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪيو هو ته پاڪستان ڪنهن ٻئي جي جنگ نه وڙهندو، ڪلڀوشن مسئلي تي سڀاڻي قومي اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي سڪيورٽي جو اجلاس گهرايو آهي، هن چيو ته اٽارني جنرل ڪلڀوشن جي معاملي تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندو.