ٽرمپ ذهني مريض آهي، جيڪو آمريڪا کي نقصان پهچائي سگهي ٿو: آمريڪي نفسياتي ماهر

نيويارڪ(م ڊ)  آمريڪا جي ۳۵ نفسيات جي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن جو هڪ گڏيل خط نيويارڪ ٽائمز ۾ شايع ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ذهني مريض آهي ۽ صدر جي عهدي لاءِ نااهل آهي. ۹ فيبروري جي ڏينهن انهي اخبار ۾ سياسي تجريانگار ايم بلو جو هڪ ڪالم شايع ڪيوويو آهي. جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو صدر نه پر هڪ فاتح ٿيڻ چاهي ٿو. انهي ڳالهه جي تصديق ڪندي ۱۳ فيبروري ۾ شايع ٿيل ۳۵ آمريڪي نفسياتي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن انهي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي گڏيل موقف پيش ڪيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي لفظن ۽ حرڪتن مان اهو ئي ثابت ٿي رهيو آهي ته کيس ڪنهن جي لاءِ به همدردي نه ٿو رکي نه وري کيس صبر ۽ برداشت جي ڪا صلاحيت آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي مخالفن جون منهن بند ڪرڻ ۽ کين نقصان پهچائڻ جي لاءِ سڀ حدون پار ڪري سگهي ٿو. انهي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اهڙيون حرڪتون صرف نفيساتي مريض ئي ڪري سگهن ٿا. هن خط ۾ آمريڪي نفسياتي ماهرن آمريڪن سائيڪيٽرڪ ايسوسيئيشن جي ۱۹۷۳ ع ۾ منظور ڪيل رضاڪاراڻا گولڊواٽررول جو حوالو ڏيندي چيو ته انهي اصول جي ڪري آمريڪي نفيساتي ماهرن ڊاڪٽرن مشهور شخصيتن جي دماغي حالت جي باري ۾ چپ رهڻ جي پاليسي تي عمل جاري رکيو هو. پر هن نازڪ وقت ۾ ڪجهه به نه چوڻ آمريڪا جي لاءِ بدترين نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. انهي شاهدين کي نظر ۾ رکندي انهي خط جي آخر ۾ چيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خراب دماغي حالت جي ڪري آمريڪي صدر جي عهدي جي لاءِ نااهل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *